سينڍر/ وڏڙو

سينڍر/ وڏڙو

سينڍر وڏڙو

سينڍر/ وڏڙو (پکي): بدڪ جو هڪ قسم، جيڪو 50 کان 52 سينٽي ميٽر جسامت رکي ٿو. هيءُ پکي، چيهه بدڪ کان ٿورو وڏو ٿئي ٿو. هن پکيءَ کي انگريزيءَ ۾ Large whistting teal يا Fulvous tree duck چيو ويندو آهي. جڏهن ته سائنسي زبان ۾ هن پکيءَ جو نالو Dendrocygna bicolor آهي. هن پکيءَ جو تعلق Anatidaeخاندان جي ذيلي ڪٽنب Anserinae سان آهي. هن بدڪ جو نر ۽ ماد هڪ جهڙا ٿين ٿا. هيءَ بدڪ سڄي ڳاڙهسري، ڀوري، پڇ ۽ چهنب ڪاري، ڪک جا کنڀ هيٺئينءَ طرف مڙيل، جن تي ملائي رنگ جا نمايان ليڪا هوندا آهن، پرن جو هيٺيون حصو ۽ پير سرمائي، ڪاري رنگ جا، اکين جون پتليون گهريون ناسي ٿينديون آهن. هيءُ پکي تازي ۽ مٺي پاڻي، خاص ڪري ڌٻڻ، ٻوٽن ۽ پنن جي ٻوٽن سان ڀريل ڍنڍ تي رهڻ پسند ڪندو آهي. دنيا جي تقريباً مڙني گرم ملڪن ۾ جھجھي تعداد ۾ نظر اچي ٿو. هيءُ پکي هندستان جو مقامي پکي آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ ڪجھه وقت لاءِ هجرت ڪري ايندو آهي.
سنڌ جي ڍنڍن جي خراب صورتحال ۽ مٺي پاڻيءَ جي کوٽ سبب هاڻي سنڌ ۾ هي پکي گھٽ نظر ايندو آهي. هن جي غذائي خوراڪ ۾ پاڻيءَ ۾ ٿيندڙ هر قسم جو گاهه، ٻج، چانور ۽ جيت وغيره شامل آهن.
هي پکي پنهنجي هم نسلن جي ڀيٽ ۾ گھٽ گروهه پسند آهي، ڏينهن جو پاڻيءَ ۾ نيم ٻڏل ٽارين يا ٻوٽن تي آرام ڪندو آهي. ساحل ويجھو کليل سمنڊ يا سمنڊ جي ٻاڙين ۽ ڍنڍن تي به گھمندي نظر ايندو آهي. تانگھي پاڻيءَ ۾ تڙڳي ٿو ۽ اونهي پاڻيءَ ۾ ٽٻي ڏئي ٿو. آرام سان ويٺل هوندو آهي. نسلي واڌويجھه لاءِ آکيرا ٺاهڻ بجاءِ قدرتي کڏ، کانچن، ناگر موٺ يا ٻين آبي ٻوٽن جي جھڳٽن جو انتخاب ڪندو آهي. مادي بدڪ هڪ وقت ۾ ڇهه کان اٺ بيضا لاهيندي آهي. بيضن جو رنگ عاجي اڇو (Ivory white) ٿيندو آهي، جڏهن ته آريءَ جو عرصو اٽڪل هڪ مهيني تي مشتمل هوندو آهي.
سنڌ ۾ ڳچ عرصو اڳ هي پکي ڪينجھر ڍنڍ، منڇر ڍنڍ ۽ هاليجي ڍنڍ تي سال جي اڪثر برسات ۾ نظر ايندو هو، پر ڍنڍن جي موجوده صورتحال جي ڪري هيءَ پکي سنڌ مان اڻلڀ ٿي ويو آهي ۽ ورلي ايڪڙ ٻيڪڙ نظر اچي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو